ڪڻڪ جون ٽرڪون ڪراچي نه ٿيون پھچن پر افغانستان پهچي وڃن ٿيون: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪڻڪ جون ٽرڪون ڪراچي نه ٿيون پھچن پر افغانستان پهچي وڃن ٿيون، ڪراچي ۾ ڪڻڪ بنا ڪنهن رنڊڪ جي پهچڻ گهرجي، ڪڻڪ ئي نه ھوندي ته ظاھر آھي ته اٽو مھانگو ٿيندو، سڀني کي گهرايون ٿا، هي ڪو عام ڪيس نه پر سنگين مسئلو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي خلاف پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي وڪيل درخواست جي ٻڌڻي ٿي

پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خوراڪ کاتي سنڌ ۾ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ڏانهن ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي هنئي آهي

وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ نه اچڻ سبب ماڻهو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ مجبور آهن

چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ناهي ٿيندي، ان ڪري ڪراچي ۾ ڪڻڪ ٻاهران آڻڻي پوندي آهي

عدالت پاران خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر کي 21 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔