ڀارت ستلج درياءَ ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو، ٻوڏ واري صورتحال، هزارين ماڻهن جي لڏ پلاڻ، الرٽ جاري

بهاوالنگر: ستلج درياءَ ۾ ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ هزارين ماڻهن طرفان لڏ پلاڻ شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته انتظاميه طرفان هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

قدرتي آفتن کي منهن  ڏيندڙ صوبائي اداري(پي ڊي ايم اي) پنجاب جي ترجمان چيو آهي ته ستلج ۾ هن وقت تمام وڏي ٻوڏ واري صورتحال آهي.

گنڊا سنگهه واري هنڌ تي پاڻي جي سطح 23 فٽ تائين بلند ۽ وهڪرا 2 لک 78 هزار ڪيوسڪ تي پهچي ويا آهن. هيڊ سليمانڪي واري هنڌ تان 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي جا وهڪرا گذري رهيا آهن.

پاڪ فوج کي امدادي ڪمن جي لاءِ گهرايو ويو آهي. درياءَ جي ڀرپاسي ۾ 53 هزار کان وڌيڪ آبادي کي فوري طور تي لڏ پلاڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

لاليڪا، چاويڪا، وزيرڪا، ڪوٽ مخدوم، بونگه احسان، ڪڪو بودله، پير سڪندر، ڪاليه شاهه، جودهيڪا سميت ٻين علائقن مان لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري آهي هينئر تائين 4805 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب ڀارت طرفان 21 آگسٽ تائين روزاني جي بنياد تي پاڻي ڇڏڻ جون رپورٽون سامهون آيو آهي.

ٻوڏ سبب ڪيترن ئي حفاظتي بندن جي ٽٽڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو آهي. منگلا ڊيم ۾ به پاڻي جي سطح انتهائي بلند ٿي وئي آهي. ستلج درياءَ ۾ بيلي ڪلان جو هڪ رهواسي ٻڏي ويو آهي. محمد نگر  جو رهواسي فيض احمد چوپايو مال ڪڍڻ دوران پاڻي جي  وهڪرن ۾ ٻڏي ويو جنهن جي لاش ڪڍي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔