اقليتن کي نقصان پهچائيندڙن کي سختي سان منهن ڏينداسين: نگران وزيراعظم

اسلام آباد : نگران وزيراعظم انوار الحق جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته وقت سر چونڊون ڪرائڻ اسان جو فرض آهي

نگران وزيراعظم چيو ته ڏيهي توڙي پرڏيهي سطح تي رياست جا ڪيل سمورا وعدا پورا ڪنداسين، رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙن سان گڏ نه آهي

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پنهنجي مقرر مدي اندر ملڪ جي ترقيءَ جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين، معاشي مسئلن جي حل لاءِ قدمن ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي وعدن کي پورو ڪنداسين

نگران وزيراعظم چيو ته قانون جي حڪمرانيءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، اقليتن خلاف ڪارروائيون ڪندڙن کي قانون جي دائري ۾ رهي منهن ڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔