نيب ترميمن خلاف ڪيس، رٽائر ٿيڻ کان اڳ مون کي هر صورت ۾ ان جو فيصلو ڏيڻو پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته نيب جي ترميمن خلاف ڪيس تمام وڏو ۽ اهم ڪيس آهي، رٽائر ٿيڻ کان اڳ مون کي هر صورت ۾ ان جو فيصلو ڏيڻو پوندو.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيو ته فيصلو نه ڏئي سگهيس ته اهو منهنجي لاءِ شرمندگيءَ جو سبب هوندو.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته منهنجي تجويز آهي ته هن ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙي وڃي، ڪيس جي ٻڌڻي 28 آگسٽ تائين ملتوي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته 28 آگسٽ کانپوءِ روزاني بنياد تي ڪيس ٻڌنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔