نگران وزيراعليٰ بلوچستان جي نالي تي اتفاق، سردار علي مردان ڊومڪي وڏو وزير مقرر

نگران وزيراعليٰ بلوچستان لاءِ سردار علي مردان ڊومڪي جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو، گورنر کيس وڏو وزير مقرر ڪرڻ لاءِ سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي

ذريعن موجب علي مردان ڊومڪي جي نالي تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن تي ٻڌل پارلياماني ڪاميٽي ۾ اتفاق ڪيو ويو

ذريعن موجب علي مردان ڊومڪي جي نگران وزيراعليٰ بلوچستان طور مقرري لاءِ سمري گورنر هائوس کي موڪلي وئي، جنهن بعد گورنر کيس نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ واري سمري تي صحيح پڻ ڪري ڇڏي آهي

ذريعن موجب نگران وڏو وزير سردار علي مردان ڊومڪي اڄ شام عهدي جو حلف کڻندو جنهن بعد نگران ڪابينا جي جوڙجڪ ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔