فاطمه جي قبر ڪشائي: حويلي ۾ مالڪياڻي فاطمه کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو: ملازمه جو بيان

راڻيپور جي حويليءَ ۾ مبينا طور تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا ويا

عدالتي حڪم تحت ماجسٽريٽ جي نگراني ۾ 6  رڪني ميڊيڪل بورڊ خانواهڻ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پهتو

پي ايم سي نوابشاهه جي ايم ايس جي اڳواڻيءَ ۾ 6 رڪني ميڊيڪل بورڊ قبر ڪشائي بعد ٻارڙي فاطمه جي لاش جا جزا ورتا

ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته لاش جا جزا فورينزڪ چڪاس لاءِ روهڙي ليبارٽري اماڻيا ويندا

ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته فورينزڪ رپورٽ اچڻ کانپوءِ ٻارڙيءَ جي موت جي ڪارڻن جي خبر پئجي سگهندي

نينگري فاطمه سان ظلم بابت هڪ ٻي ناريءَ جو وڊيو بيان

ٻئي پاسي راڻيپور جي حويلي ۾ مبينا تشدد ۾ ماريل نينگري فاطمه سان ظلم بابت هڪ ٻي ناريءَ جو وڊيو بيان به سامهون اچي ويو

وڊيو ۾ نينگري تانيا ڦرڙو چيو آهي ته حويلي ۾ مالڪياڻي فاطمه کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هوءَ بيمار ٿي پئي هئي، فاطمه پاڻيءَ لاءِ تڙپندي هئي پر اسان کي هن کي پاڻي ڏيڻ کان روڪيو ويو، فاطمه اسان جي آڏو تڙپندي هئي، حويليءَ جي مالڪڻ اسان کي به مارڪٽ ڪندي هئي

فاطمه تي تشدد جي الزام هيٺ حويليءَ جو مالڪ اسد شاهه گرفتار ٿيل آهي، اسد شاهه جي گهرواري حنا شاهه ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي

اسد شاهه جو چئن ڏينهن وارو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد پوليس کيس ٻيهر عدالت آڏو پيش ڪندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔