افغانستان ۾ سياسي جماعتن تي پابندي جو اعلان

ڪابل: افغانستان جي انصاف واري وزارت ملڪ ۾ سياسي جماعتن تي پابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
افغان ميڊيا موجب افغانستان جي انصاف واري وزير مولوي عبدالحڪيم شرعي چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي جماعتن جي سرگرمين کي قبول نٿو ڪري سگھجي.
هن چيو ته هن وقت سمورا قانون اسلامي شريعت جي روشني ۾ جوڙيا ويا آهن، شريعت ۾ سياسي جماعتن جي ڪا به گنجائش ۽ حيثيت ناهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي موجودهه تباهي سياسي جماعتن سبب آهي، سياسي جماعتون ملڪ جي مفاد ۾ ناهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔