ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنور نويد جميل لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪنور نويد جميل لاڏاڻو ڪري ويو.
ايم ڪيو ايم ترجمان موجب ڪنور نويد جميل لاڏاڻو ڪري ويو آهي، هو برين هيمبرج سبب ڪيترن ئي مهينن کان نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، طبعيت ڪجهه بهتر ٿيڻ تي کيس گهر منتقل ڪيو ويو هو پر 11 آگسٽ تي طبعيت بگڙڻ تي کيس ٻيهر اسپتال داخل ڪيو ويو، ڪنور نويد جميل انتهائي نگهداشت جي شعبي ۾ علاج هيٺ هو.
ڪنور نويد جميل 15 مارچ 1964ع ۾ ڄائو، هن جناح لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪئي ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان بي ايس سي ڪئي.
ڪنور نويد جميل 2005ع ۾ حيدرآباد ڊسٽرڪٽ جو ناظم چونڊيو، 1990 ۽ 2013ع ۾ قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو، هو 2002 ۽ 2018ع ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر به چونڊيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔