پاڪستاني ٽيم جي سيڪيورٽي بابت بيان، پرڏيهي کاتي جو ردعمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد: پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڀارت جي ذميواري آهي، اهڙو ماحول هجي، جنهن ۾ تماشائي رانديگرن کي هراسان نه ڪري سگهن.
هفتيوار بريفنگ ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي تي ڀارت جي بيانن جو جواب نه ڏينديس، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ڀارت جي ذميواري آهي.
هن چيو ته پاڪستاني ٽيم کي خوف ۽ هراساني کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ ڀارت جي ذميواري آهي، اهڙو ماحول هجي، جنهن ۾ رانديگر هراسان نه ٿين.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي پرڏيهي کاتي چيو هو ته ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان ٽيم لاءِ ڪا ”اسپيشل ٽريٽمينٽ“ نه هوندي، اسان لاءِ پاڪستان به ڪنهن ٻي ٽيم جيترو اهم ئي آهي ۽ ان کي به ائين ئي ٽريٽمينٽ ڏني ويندي، جيئن ٻين ٽيمن کي ڏني ويندي.
بيان ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان ٽيم لاءِ ڪا ”اسپيشل ٽريٽمينٽ“ نه هوندي پر جتي ضرورت هوندي ته اتي فول پروف سيڪيورٽي ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔