نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو

ڪراچي: نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي .صدر عارف علوي نگران ڪابينا کان قسم کڻايو . پهرين مرحلي ۾ ڪابينا جي 18 ميمبرن پنهنجي عهدي جو قسم کنيو آهي .اطلاعن موجب پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي ڪرڻ جو امڪان آهي، ناڻي واري وزير لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر عشرت حسين جو نالو ورتو پيو وڃي ، گهرو وزير لاءِ سرفراز بگٽي جو نالو ورتو پيو وڃي . مذهبي معاملن لاءِ انيق احمد کي نگران وزير  مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي ، جڏهن ته ٻين نگران وزيرن ۾ سينئر صحافي مرتضيٰ سولنگي ، ناليواري اديب مدد علي سنڌي ۽ ٻين جا نالا ورتا پيا وڃن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔