110 ورهين جي بزرگ چوٿين شادي ڪري ڇڏي

مانسهرا :مانسهرا ضلعي جي علائقي گنراٿلي ڀوگڙمنگ جي رهواسي بزرگ 110 ورهين جي عمر ۾ چوٿين شادي ڪري ڇڏي.

عبدالخنان بابا چوٿون ڀيرو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو، سڃاڻپ ڪارڊ موجب سندس عمر 110 سال آهي، جڏهن ته بابا موجب ان جي عمر 125 سال آهي.

عبدالخنان بابا جي پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين جو انگ 84 کان وڌيڪ آهي.

هن 50 ورهين جي دلبر بي بي سان چوٿون نڪاح ڪيو، قاري محمد ارشد اڳوڻي ڪائونسلر خالد جان جي شاهدي ۾ نڪاح پڙهايو، جڏهن ته حق مهر 5 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔