واٽس ايپ ۾ پنهنجا اسٽيڪرز ۽ تصويرون ٺاهڻ جو نئون فيچر متعارف

ڪيليفورنيا : واٽس ايپ ۾ هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ٽيڪنالوجي تي ٻڌل اسٽيڪرز جون نئون فيچر شامل ڪيو پيو وڃي.

رپورٽ موجب اينڊرائڊ ڊوائيسز لاءِ واٽس ايپ بيٽا ورجن ۾ اهو فيچر سامهون آيو آهي.

هاڻ واٽس ايپ ۾ اي آءِ ٽيڪنالوجي جي مدد سان واهپيدارپنهنجي پسند موجب اسٽيڪرز تيار ڪري سگھندا.

ان لاءِ واهپيدار لکي وضاحت ڪندا ۽ واٽس ايپ جو سسٽم ان موجب اسٽيڪرز تيار ڪندو.

رپورٽ موجب اسٽيڪرز جي تياري لاءِ ميٽا جي محفوظ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويندو.

ظاهري طور تي واٽس ايپ جي ان فيچر جي ذريعي واهپيدار اهڙيون پرسنلائزڊ تصويرون تيار ڪري سگھندا جن کي دوستن يا گروپس ۾ اسٽيڪر جي طور تي شيئر ڪري سگھبو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔