هٿياربندن جي حملي ۾ نائيجر جا 17 فوجي مارجي ويا

نيامي:مالي جي سرح ويجهو هٿياربند گروپن جي حملي ۾ نائجر جا 17 فوجي مارجي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ملڪ جي بچاءَ واري وزير مارجي ويلن جي تصديق ڪندي هڪ بيان جاري ڪيو جنهن موجب نائيجيرين هٿياربند فوج جو هڪ دستو جيڪو ۽ بوني ۽ تورودي وچ ۾ اڳتي وڌي رهيو هو ته ان دوران دهشتگردن جي حملي جو نشانو بڻجي ويا.

ان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 20 فوجي زخمي ٿيا آهن جن کي راڄڌاني نيامي منتقل ڪيو ويو آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔