مراد سعيد، علي امين، حماد اظهر ۽ فرخ حبيب سميت 22 پي ٽي آءِ اڳواڻ اشتهاري قرار

لاهور: 9 مئي سانحي ۽ جناح هائوس حملي  واري ڪيس ۾ اڳوڻن صوبائي وزيرن سميت پي ٽي آءِ جا 22 اهم اڳواڻ اشتهاري قرار ڏنا ويا آهن.

ميان اسلم اقبال، مراد سعيد، عندليب عباس، احمد نيازي، فرخ حبيب، زبير نيازي، علي امين گنڊاپور ۽ حماد اظهر به اشتهاري قرار ڏنا ويا آهن. جوابدارن کي ڪيس نمبر 22/96 ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا گهرايو ويو هو.

پوليس موجب طلبي جي نوٽيسن باوجود جوابدار جاچ ۾ شامل نه ٿيا، جوابدارن جي گهرن، فارم هائوسن ۽ آفيسن ي به ڇاپا هنيا ويا. عدالت کان حڪم وٺڻ کان پوءِ جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو. گڏيل طور تي 282 مفرور جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔