پنجاب ۾ هيپاٽائٽس بي مريضن جو انگ 29 لک تائين پهچي ويو

لاهور: پنجاب ۾ هيپاٽائيٽس بي جي ڪيسن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو جنهن سبب مريضن جو انگ 29 لکن تائين پهچي ويو آهي.

سامهون ايندڙ انگن اکرن موجب پنجاب ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جو انگ 29 لک کان وڌي چڪو آهي صوبي ۾ قائم 217 ڪلينڪس مان صرف 23 ۾ پي سي آر ٽيسٽ جي سهوليت موجود آهي

دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هينئر تائين 9 لک 81 هزار کان وڌيڪ پي سي آر ڪيا ويا آهن. انتهائي موذي مرض جي 62 سيڪڙو تائين پکڙجڻ جو سبب سرنج جو لاڳيتو استعمال آهي.

رپورٽ موجب پنجاب ۾ هيپاٽائيٽس سي جا 76 هزار کان وڌيڪ مريض موجود آهن. تازو ڪيل اسڪريننگ سان هيپاٽاٽئيس جا هڪ لک 38 هزار مريض سامهون آيا آهن. دستاويزن موجب ان کان اڳ صوبي ۾ هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جا 4 لک مريض رجسٽرڊ هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔