نگران ڪابينا ۾ ڪهڙا وزير شامل هوندا؟ مشاورت مڪمل

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي ڪابينا لاءِ مشاورت وارو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي

جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي وزارت ۽ سيد محمد علي کي سڌ سماءَ جو کاتو ڏيڻ جا امڪان آهن

ذريعن موجب نگران ڪابينا لاءِ تقريبن سمورا نالا فائينل ڪيا ويا آهن، نگران ڪابينا کي اڄ ئي حتمي شڪل ڏني ويندي ۽ نگران ڪابينا سڀاڻي حلف کڻندي

ذريعن موجب ناڻي واري نگران وزير طور گذريل ڏينهن سلطان علي الانا جو نالو فائينل ڪيو ويو هو، پر ٻٽي شهريت سبب هاڻي ناڻي واري کاتي لاءِ وڌيڪ ٻن نالن تي غور ڪيو پيو وڃي

ذريعن موجب نگران گهرو وزير طور سرفراز بگٽي جو نالو کنيو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔