نگران وزيراعظم انوارالحق معيشت بابت اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: ملڪ جي معاشي صورتحال بابت نگران وزيراعظم انوارالحق معيشت بابت اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ جي معيشت بابت گڏيل صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. ناڻي واري وزارت، ايف بي آر ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا وزيراعظم کي معيشت بابت بريفنگ ڏيندا.

اجلاس ۾ آءِ ايم ايف پروگرام ۽ آئنده جي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم کي آءِ ايم ايف جي جاري پروگرام تي به بريف ڪيو ويندو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي عهدي جون ذميواريون سنڀالي ورتيون هيون. سومر تي انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي اٺين نگران وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔