پي ٽي آءِ جي هڪ ٻي اهم اڳواڻ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ صمصام بخاري به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صمصام بخاري چيو آهي ته هر محب وطن پاڪستاني جيان مان به 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪيان ٿو، تشدد جي سياست تي ڪڏهن به يقين نه رهيو آهي

 صمصام بخاري چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي ۽ ادارا اسان جا آهن، اڄ کان تحريڪ انصاف کان لاتعلقي ۽ ان کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيان ٿو

 ذريعن موجب صمصام بخاري جهانگير ترين سان ملاقات بعد استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت جو فيصلو به ڪيو آهي، ذريعن موجب صمصام بخاري ڪجهه ڏينهن اندر پريس ڪانفرنس ذريعي نئين جماعت ۾ شموليت جو اعلان ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔