سپريم ڪورٽ احسن اقبال خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سينئر ليگي اڳواڻ احسن اقبال خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ جي آڌار تي اُڪلائي ڇڏي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏيندي چيو ته احسن اقبال نضم وضبط وارو انسان آهي منهنجي نظر ۾ احسن اقبال تمام گهڻو سنجيده ۽ دانشور انسان آهي جذبات ۾ هن ڪا ڳالهه چئي ڇڏي هوندي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيو ته توهين عدالت ٿي آهي يا نه اهو طئي ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. درخواستگذار صاحب اوهان اطلاع ڏني، اوهان جي مهرباني، هن ڪيس جي وڌيڪ هلڻ لاءِ هاڻ ڪوبه گرائونڊ موجود نه آهي.

ياد رهي ته 25 اپريل 2018 تي احسن اقبال بطور وفاقي گهرو وزير ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي باري ۾ ڳالهايو هو. احسن اقبال چيو هو ته ڪنهن فوجي آفيسر يا جج جيان اسان جي به عزت آهي. اهڙي بيان تي سندس خلاف توهين عدالت جي درخواست 2 مئي 2018 تي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته هي ڪيس وڌيڪ هلائڻ جو هاڻ ڪوبه سبب نه آهي. توهين عدالت جي درخواست پنج سالن کان پوءِ اڄ هڪ دفعو ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ جي آڌار تي رد ڪري ڇڏي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔