عدالت نواز شريف، جهانگير ترين ۽ عمران خان جي ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ وارو رستو روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ريويو آف ججمنٽس ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان قانون سان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين کي رليف مليو هو

ريويو آف ججمنٽس ايڪٽ کانپوءِ نواز شريف ۽ جهانگير ترين نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري پئي سگهيا، عدالتي فيصلي کانپوءِ سوال اُٿاريو پيو وڃي ته ڇا نواز شريف ۽ جهانگير ترين اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهندا

سينيئر صحافي انصار عباسي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ائين لڳي رهيو آهي ته عدالت نواز شريف، جهانگير ترين ۽ عمران خان جي ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ وارو رستو روڪي ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔