سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان نواز شريف جي ڪيس تي فرق نه پوندو: ن ليگ

اسلام آباد: نواز ليگ سان تعلق رکندڙ قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ڏنو آهي ته سپريم ڪورٽ پاران عدالتي سڌارن واري ايڪٽ کي رد ڪرڻ سان نواز شريف جي ڪيس تي ڪو به فرق نه پوندو، پارليامينٽ جي اختيار ۾ عدالت جي بار بار مداخلت سٺي روايت نه آهي

اعظم نذير تارڙ چيو ته عدالتي فيصلي سان اهو تاثر ملي ٿو ته پارليامينٽ جي غير موجودگي جو فائدو ورتو ويو آهي، ڪالعدم قرار ڏنل قانون بار ڪائونسلز ۽ بار ايسوسيئيشنز جو پراڻو مطالبو هو

اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو ته پارليامينٽ جي قانونسازي واري اختيار ۾ مداخلت قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي، “فيصلو ڪندڙ بينچ ئي نظرثاني ڪري” وارو اصول انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي، پنهنجي ٽويٽ ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته اونداهو انصاف قبولڻ جوڳو نه آهي، اڄوڪي فيصلي جو رِويُو ايندڙ پارليامينٽ ۾ ئي ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔