سنڌ سرڪار پاران ويندي ويندي سنڌ جي معدني وسيلن سان هٿ چراند جي ڪوشش

ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران حڪومت ختم ٿيڻ جي ويجھو ايندي ئي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي معدني وسيلن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي

 ڊي جي مائينز اينڊ منرل اطهر ميراڻي پاران اعليٰ اختيارين جي هدايتن تي ٿرپارڪر، ڄامشورو ۽ ٺٽي ضلعي جون 30 کان وڌيڪ ختم ٿيل ليزن جي مُدي ۾ واڌ جي لاءِ اجلاس گھرايو ويو

 ذريعن موجب اجلاس ۾ 8 ميمبرن مان رڳو کاتي جي 3 آفيسرن پاران شرڪت ڪئي وئي، سنڌ مائينز اونر ايسوسيئيشن، مائينز اينڊ منرل جي ريجنل آفيس جي نمائندي، انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي جي نمائندي، سيڪريٽري مائينز اينڊ منرل جي نمائندي سميت 5 ميمبرن پاران اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

 شرڪت نه ڪندڙ آفيسرن پاران چائنا قلي جي ليز تي عدالتي پابندي هجڻ ڪري اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي،  ميمبرن جي شرڪت نه ٿيڻ جي ڪري ليزن جي مُدي ۾ واڌ وارو آرڊر ڪينسل ڪيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔