سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي  سمورن کاتن ۾ ڀرتين کان فوري طور تي روڪي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ حڪومت پاران 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ ڀرتين بابت ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان بئريسٽر ڊاڪٽر فروغ نسيم عدالت ۾ پيش ٿيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي  سمورن کاتن ۾ ڀرتين کان فوري طور تي روڪي ڇڏيو، عدالت نوڪرين بابت مختلف اشتهارن کي به معطل ڪري ڇڏيو آهي، عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي 30 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

ان سلسلي ۾ عدالت چيو آهي ته حڪومت جي سمورن کاتن ۽ ذيلي کاتن ۾ سمورا ڊپٽي ڪمشنر گريڊ 1 کان 15تائين مقرريون نٿا ڪري سگهن

ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جو مدو 11 آگسٽ  2023 تي ختم ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ غير قانوني ڀرتيون شروع ڪري ڇڏيون آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔