سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ لاءِ مشاورت جو سلسلو جاري

ڪراچي:  سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ جي لاءِ مشاورت جو سلسلو جاري آهي. نگران وڏي وزير جي لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس(جي ڊي اي) پنهنجا نالا سامهون آڻي ڇڏيا آهن جڏهن ته هاڻ پيپلز پارٽي طرفان نالي جو انتظار آهي.

جي ڊي اي نگران وڏي وزير جي لاءِ صفدر عباسي، غلام مرتضيٰ جتوئي، فضل الله قريشي، عبدالله حسين هارون جا نالا ڏنا آهن جڏهن ته ايم ڪيو ايم طرفان اڳوڻي بيورو ڪريٽس يونس ڊهاگه، ۽ شعيب احمد صديقي جا نالا ڏنا ويا آهن.

ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن اڳواڻ رعنا انصار جي باقاعده مشاورت جو انتظار آهي.

سنڌ اسيمبلي پنهنجو آئيني مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ 11 آگسٽ جي رات ٽوڙي ويندي. سنڌ اسيمبلي ميمبرن جي حلف برداري 13 آگسٽ 2018 تي ٿي هئي. آئيني طور تي سنڌ جي وڏي وزير ۽ اپوزيشن اڳواڻ جي مشاورت سان نگران وڏي وزير جو حتمي نالو ڏنو ويندو.

11 آگسٽ تي سنڌ اسيمبلي جو آخري اجلاس ۽ فوٽو سيشن ٿيندو. اسيمبلي ٽٽڻ کان پوءِ وڏو وزير ۽ اپوزيشن اڳواڻ 3 ڏينهن ۾ نگران سربراهه لاءِ اتفاق ڪندا، اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ پارلياماني ڪميٽي 2 ڏينهن ۾ نالا فائنل ڪندي. پارلياماني ڪميٽي ۾ فيصلو نه ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن 2 ڏينهن ۾ فيصلو ڪري ڇڏيندي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔