پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي.

آءِ ايس پي آر  طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جهلم ويجهو ٽله فيلڊ فائرنگ ريننج جو دورو ڪيو جتي هن لائيو فائر ۽ جديد وي ٽي 4 ٽينڪن جي مشقن جو مشاهدو ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف لانگ رينج ايس ايڇ 15 آرٽلري گنن جي شوٽنگ ۽ جديد هٿيارن جي نمائش جو به مشاهدو ڪيو ۽ عملي جي جنگي مهارت ۽ جديد ترين هٿيارن ۽ ان جي مهارت جي تعريف ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف کي اسٽرائيڪ ڪور جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ به ڏني وئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي صلاحيت رکي ٿي. پاڪ فوج دشمن طاقتن جي سمورن ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔