ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ پاڪستان پهچي ويو، اهم اڳواڻن ۽ دوستن سان صلاح مشورا شروع

اسلام آباد: ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ خاموشي سان ڪراچي پهچي چڪو آهي جنهن کان پوءِ هن اهم اڳواڻن ۽ دوستن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. حفيظ شيخ جون اهم اڳواڻن سان ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون پڻ ٿيون آهن.

نجي ٽي وي موجب ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جو نالو به نگران وزيراعظم جي فهرست ۾ شامل آهي ان جي نگران وزيراعظم جي اعلان  کان اڳ پاڪستان پهچڻ حيرت ۾ وجهندڙ آهي

ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اسلام آباد ۾ به پنهنجن ويجهن دوستن سان رابطو ڪيو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمرن اسماعيل چيو آهي ته  حفيظ شيخ عبوري وزيراعظم جي لاءِ بهتر اميدوار ٿي سگهي ٿو.

ٻئي طرف سينئر صحافي سلمان غني نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت لاءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي.  هن چيو ته حفيظ شيخ جو نالو ڪافي وقت کان ورتو پيو وڃي. هو چار مهينا اڳ آصف علي زرداري سان دبئي کان ڪراچي پهتو هو جنهن کان پوءِ هو ٻيهر پرڏيهه روانو ٿي ويو.

سلمان غني چيو ته اصل ۾ حفيظ شيخ راجا رياض جو اميدوار نه آهي مان سمجهان ٿو ته اهو آصف زرداري جو اميدوار آهي. موجوده حڪومت آصف زرداري جو ئي پراجيڪٽ هئي جنهن ۾ شهباز شريف کي وزيراعظم بنايو ويو. هن چيو ته اميد اها ئي آهي ته هاڻ ڪوبه روايتي وزيراعظم نه هوندو پر اهو مضبوط ۽ فيصلا ڪندڙ هوندو. هن چيو ته جڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو طئي ٿيو هو ان وقت اهو نالو طئي ٿي ويو هو.

سينئر صحافي وڌيڪ چيو ته حفيظ شيخ ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور آيو هو ۽ هن اتي اهم ملاقاتون پڻ ڪيون هيون. هن دعويٰ ڪئي ته هن وقت به اسلام آباد ۾ ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔