وزيراعظم ۽ اپوزيشن اڳواڻ وچ ۾ ملاقات، نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي مشاورت ٿي پر  نگران وزيراعظم جي حتمي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو جنهن کان پوءِ هاڻ سڀاڻي ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي.

رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض کي خط لکي مشاورت جي لاءِ گهرايو هو جنهن کان پوءِ هو وزيراعظم سان ملڻ پهتو. ٻنهي هڪ ٻئي جي سامهون 3-3 نالا رکيا آهن جن تي مشاورت ڪئي وئي

پاڪستان پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم جي لاءِ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني ۽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصديق حسين جي نالن کي تجويز ڪيو آهي جڏهن ته ٻين نالن ۾ صادق سنجراڻي، حفيظ شيخ به شامل آهن.

اپوزيشن اڳواڻ  راجا رياض چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي معاملي تي ڪنهن به قسم جو ڊيڊ لاڪ نه  آهي ڪوشش  هوندي ته وزيراعظم سان گڏ نگران جو نالو فائنل ڪري وٺون. راجا رياض صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڌيڪ چيو ته ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. مون پنهنجا نالا وزيراعظم کي ڏئي ڇڏيا آهن. جڏهن ته وزيراعظم به پنهنجن نالن جي باري ۾  ٻڌايو. مون ۽ وزيراعظم طئي ڪيو آهي ته نالا فائنل ٿيڻ تائين ڪنهن کي به نه ٻڌايو ويندو. نگران وزيراعظم جي لاءِ 6 نالا اچي چڪا آهن.

ملاقات کان پوءِ وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم آئين جي روشني ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ مشاورت جي حوالي سان گهرايو هيو. نگران وزيراعظم جي نالن تي مشاورت جو پهريون دور خوشگوار ماحول ۾ ٿيو. هاڻ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسان هن اهم معاملي تي وڌيڪ سوچ ويچار کان پوءِ سڀاڻي 11 آگسٽ تي ان حوالي سان ٻيهر مشاورت ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔