مستقبل مان آيل شخص دنيا بابت خطرناڪ اڳڪٿي ڪري ڇڏي

هڪ پُراسرار سوشل ميڊيا واهپيدار جنهن جي دعويٰ آهي ته هو سال 2858 ۾ سفر ڪري رهيو آهي، ان دنيا جي خاتمي بابت هڪ ڀوائتي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، سوشل ميڊيا تي darknesstimetravel@ جي نالي سان ڄاتي ويندڙ صارف، مستقبل بابت عجيب اڳڪٿيون ڪري 12 هزار کان وڌيڪ فالوورز حاصل ڪري چڪو آهي.

ويجهڙائي ۾ پنهنجي هڪ وڊيو ۾ واهپيدار چيو ته آهي ته انسانن کي پنهنجي نسل کي بچائڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، ٻئي دنيا سان واسطو رکندڙ دشمن دنيا کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڌرتي ڏانهن سفر ڪري رهيا آهن.

پنهنجي وڊيو ۾ هن ٻڌايو ته مان حقيقت ۾ وقت جو مسافر آهيان ۽ مان اوهان کي ٻڌائي رهيو آهيان ته دنيا ڪئين ختم ٿيندي.

هن وڌيڪ چيو ته هڪ مخلوق زمين ڏانهن وڌي رهي آهي جنهن جو نالو The Vanguard آهي.

صارف ٻڌايو ته وينگارڊ اسان کي خبردار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان ڌرتي تي پهچندا ۽ 12 هزار ماڻهن کي هڪ ٻئي رهائش جوڳي سياري تي ويندا جنهن ڪيپلز- 186f چيو ويندو آهي.

پراسرار سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ان ويڊيو کي هن وقت تائين هزارين ماڻهو ڏسي ۽ پسند ڪري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔