توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان گرفتار، 5سالن لاءِ نااهل قرار

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته پوليس زمان پارڪ مان عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي

عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏيندي هڪ لک روپيا ڏنڊ به لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته  ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻو پوندو

جج همايون دلاور پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي الزام ثابت ٿيا آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين تي ڪوڙا اثاثا ظاهر ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو آهي

جج همايون دلاور پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي بي ايماني ثابت ٿي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪري رهيا آهيون

عدالت آءِ جي اسلام آباد کي گرفتاريءَ واري حڪم تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

جج همايون دلاور صبح 8 وڳي ٻڌڻي شروع ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين يا سندس ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو، عدالت 9 وڳي تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس وڪيل 9 وڳي ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي به پيش نه ٿيا

عدالت 12 وڳي تائين مهلت ڏيڻ باوجود جوابدار ۽ سندس وڪيل پيش نه ٿيڻ تي ساڍي ٻارهين وڳي تائين فيصلو محفوظ ڪيو

جج همايون دلاور ساڍي ٻارهين وڳي ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل خواجا حارث پيش ٿيو ۽ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، عدالت فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔