پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ گهٽتائي

ڪراچي :پاڪستان وٽ موجود ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 27 جولاءِ تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾ ذخيرا 7 ڪروڙ 4 لک ڊالر گهٽ ٿيا.

مجموعي ذخيرا 27 جولاءِ تائين 13 ارب 46 ڪروڙ ڊالر رهيا، اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 3 ڪروڙ 23 لک ڊالر گهٽ ٿي 8 ارب 15 ڪروڙ ڊالر رهيا.

27 جولاءِ تائين ڪمرشل بئنڪن جو ڊالر جو ذخيرو 3 ڪروڙ 81 لک ڊالر گهٽجي 5 ارب 30 ڪروڙ ڊالر رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔