حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ طوفاني رفتار سان قانونسازي، ٻن ڏينهن ۾ 53 بل منظور

موجوده حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بلن جي منظوري جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، جڏهن ته پارليامينٽ ميمبرن جو موقف آهي ته حڪومت ايتري تڪڙي آهي جو بلز جون ڪاپيون به ميمبرز کي نه پيون ڏنيون وڃن

پارليامينٽ ميمبرن جو موقف آهي ته نئين قانون سازي جا بل لاڳاپيل ڪميٽين ڏانهن نه موڪليا پيا وڃن ۽ نئين قانون سازي تي ايوان ۾ بحث نه ٿي رهيو آهي

اسيمبلي ميمبرن پاران اهو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جلدبازي ۾ ڪيل قانون سازي جا اثر به پوندا، جنهن سان پاڪستان کي نقصان به ٿي سگهي ٿو

قومي اسيمبلي رڳو هڪ ڏينهن ۾ درجن کان وڌيڪ بل پاس ڪيا ۽ ڪجهه شقن ۾ اهڙا بل پاس ڪيا ويا جيڪي ايجنڊا ۾ شامل ئي نه هئا

خميس 27 جولاءِ تي قومي اسيمبلي 24 بلن جي منظوري ڏني جڏهن ته جمعي ڏينهن 28 جولاءِ تي قومي اسيمبلي 29 بلن جي منظوري ڏني، ڪالهه به قومي اسيمبلي مان 6 بل منظور ڪرايا ويا ۽ انهن بلن تي حڪومتي ميمبرن ۾ تڪرار به سامهون آيو

قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بلز مان هڪ نگران حڪومت جي مدي بابت بل هو، جنهن جو ايجنڊا نه ته وقت تي جاري ڪيو ويو ۽ نه ئي ان جو مسودو ميمبرن کي فراهم ڪيو ويو

آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ بل به ايجنڊا ۾ شامل نه هو، ان بل کي به ايجنڊا ۾ شامل نه ڪيو ويو، جنهن ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۽ ٻيا بل بنا ڪنهن بحث جي حڪومت منظور ڪرائي ورتا

گهوڙي تي ويهي قانونسازي ڪئي پئي وڃي: عبدالاڪبر چترالي

حڪومت جي تڪڙي قانونسازي ۽ بل پيش ڪرڻ واري عمل تي قومي اسيمبلي جي ميمبرن سخت احتجاج پڻ ڪيو ۽ جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي چيو ته اسيمبلي جو مدو ختم ٿي رهيو آهي ان ڪري گهوڙي تي ويهي قانون سازي ڪئي پئي وڃي

اهڙي طرح 24 جولاءِ کان وٺي سينيٽ جي جاري اجلاس ۾ 13 بل منظور ڪيا ويا، جن مان ڪجهه سڌو سنئون ايوان ۾ پيش ڪيا ويا ۽ منظور ڪيا ويا، جهڙوڪ آرمي ايڪٽ ترميمي بل، ڊي ايڇ اي بل ۽ ڪنٽونمينٽ بل فوري طور تي ايوان ۾ پيش ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔