طلال چوڌريءَ جي 5 سال نااهلي واري سزا مڪمل

مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌريءَ جي 5 سال نااهلي واري سزا اڄ مڪمل ٿي وئي، سپريم ڪورٽ 2 آگسٽ 2018 تي توهين عدالت جي ڪيس ۾ طلال چوڌري کي 5 سال نااهلي جي سزا ٻڌائي هئي

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار طلال چوڌري جي فيصل آباد جي جلسي ۾ ججز خلاف تقرير جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو

طلال چوڌري لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ سبب مون کي سزا ٻڌائي وئي هئي، مون کان نوازشريف ۽ مريم نواز خلاف بيان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

هن چيو ته منهنجا پنج سال ڪير به موٽائي نه ٿو سگهي، ڀٽو به ٻيهر زنده ٿي نه ٿو سگهي، اسان جي ڳچيءَ ۾ روز هٿ وجهندڙ پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائي ڏسن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔