جنگي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ نيوي جي ٻيڙي ۾ شامل

ڪراچي: پاڪستان ۽ ترڪي پاران گڏيل طور تيار ڪيل جنگي جهاز پي اين ايس طارق پاڪ نيوي جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي ويو

ڪراچي شپ يارڊ ۾ جنگي جهاز جي لانچنگ تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ترڪ  نائب صدر جودت يلماز، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پاڪ نيوي جي سربراهه ۽ ٻين  طرفان شرڪت ڪئي وئي

وزيراعظم ۽ ترڪ نائب صدر گڏيل طور جهاز جي لانچنگ ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب دوران ترڪيه کي هڪ ڀيرو  ٻيهر سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني

وزيراعظم چيو ته هن جهاز جي لانچنگ پاڪ ترڪيه دوستي جو هڪ مثال آهي، جهاز جي تياري ۽ لانچنگ ۾ سهڪار تي ترڪيه جا ٿورائتا آهيون، ترڪ نائب صدر جودت يلماز باجوڙ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته اسان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت ڪيون ٿا، دهشتگردي عالمي امن لاءِ خطرو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔