سويلينز جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل  ڪيس: فل ڪورٽ بڻائڻ جي استدعا رد

اسلام آباد: سويلينز جا فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي ڪيس بابت سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ بڻائڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

حڪومت سويلينز جي خصوصي عدالتن ۾ ٽرائل تي فل ڪورٽ جوڙڻ جي استدعا ڪئي هئي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني  لارجر بئنچ ٻڌڻي هلائي

بئنچ ۾ جسٽس اعجاز لاحسن، منيب اختر، يحيٰ آفريدي، علي اڪبر نقوي، مظاهر اڪبر نقوي ۽ عائشا ملڪ شامل آهن

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سويلنز  جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل هلائڻ جي خلاف فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست تي گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان اٽارني جنرل کان استفسار ڪيو ته ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته گذريل ڏينهن فيصل صديقي جي درخواست ٻڌي وئي، هن ڪيس جو جيستائين تعلق آهي سموريون خاطريون ڪرايون ويون آهن، حراست هيٺ سمورن ماڻهن کي سهولتن ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال سولينز جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل هلائڻ جي خلاف ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست رد ڪندي چيو ته فل ڪورٽ سيپٽمبر تائين دستياب ناهي، عدالتي موڪلون به هلي رهيون آهن

هن چيو ته  سمورن ججز جون نجي مصروفيتون به آهن جيڪي هن ڪيس جي ڪري معطل آهن، ٻن موقعن تي پهريان ٻيون بينچز معطل ڪري فل ڪورٽ ٺاهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔