ڀارت ۾ تعمير ٿيندڙ پل تي ڪرين ڪرڻ سبب 17 ڄڻا فوت ٿي ويا

ڀارت ۾ تعمير هيٺ پل تي ڪرين ڪرڻ سبب 17 ڄڻا فوت ٿي ويا

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعو گذريل رات ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ پيش آيو، جتي شاهپور ۾ تعمير هيٺ پل لاءِ لوهي ڍانچي کڻي ويندڙ ڪرين اوچتو پل تي ڪري پئي

ميڊيا رپورٽن موجب ڪرين ڪرڻ جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا

ٻڌايو پيو وڃي ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون ۽ لاشن کي ملبي مان ڪڍيو ويو.

 انتظاميا واقعي جي سببن جي ڳولا لاءِ جاچ ڪري رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔