نگران وزيراعظم لاءِ اسحاق ڊار جو نالو ڪنهن به پيش نه ڪيو: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ اسحاق ڊار جو نالو ڪنهن به تجويز نه ڪيو آهي.
ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اهو چوڻ درست ناهي ته اسحاق ڊار جو نالو نگران وزيراعظم لاءِ آيو ۽ ان کي رد ڪيو ويو.
اڳوڻي وزيراعظم جي وطن واپسي جي حوالي سان راڻا ثناءُالله چيو ته نواز شريف جلد وطن واپس ايندو ۽ حفاظتي بانڊ کڻندو ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيندو ۽ بري ٿيندو.
وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته اهو نٿو چئي سگهجي ته امن امان جي صورتحال خراب آهي پر خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي عروج تي آهي.
هن اهو به چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا نيڪ نيتيءَ ۽ بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔