پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اڳوڻي ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيئرمين جي تبديلي سان گڏ ئي اڳوڻي دور ۾ ڀرتي ڪيل ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي ۾ ماڻهن کي مرحليوار فارغ ڪرڻ جي تجويز آهي، گذريل ڏينهن پهرين مرحلي ۾ هڪ ريجن جي ڪوچ کي ملازمت تان برطرفي جو نوٽيس ملي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد سان واسطو رکندڙ ڪوچ اڳوڻي چيئرمين جو ويجهو هو جنهن ۾ پاڪستان ٽيم جا پرڏيهي ڪوچ نه شامل آهن.
ذريعن موجب، جيڪڏهن پي سي بي انتظاميا مڪي آرٿر سميت ڪنهن به ملازم کي فارغ ڪري ٿي ته ان کي ٽن مهينن جي ايڊوانس پگهار ڏني ويندي، ان پگهار جي ماليت ڪروڙن ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔