پي ٽي آءِ چيئرمين جناح هائوس حملي سميت دهشتگردي جي وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ نامزد

اسلام آباد: 9 مئي سانحي جي واقعن تي داخل دهشتگردي جي ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پوليس ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان دهشتگردي جي وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جناح هائوس حملو ۽ عسڪري ٽاورز حملي جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه عمران خان کي ماڊل ٽاون، وزيراعظم سيڪريٽريٽ تي حملي جي ڪيس ۾ به نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب لاهور ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت 7 ڪيس داخل ٿيل هئا جنهن کان پوءِ هاڻ وڌيڪ ڪيسن ۾ نامزدگي کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف دهشتگردي جي ڪيسن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.

پوليس ٻڌايو ته جاچ کان پوءِ لاهور ۾ دهشتگردي جي 3 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نامزد ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي بيانن جي روشني ۾ عمران خان کي نامزد ڪيو ويو. پوليس  موجب عمران خان تي 9 مئي واقعن تي پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ دهشتگردي جا 19 ڪيس داخل آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين کي ملتان جي 3، راولپنڊي جي 2 ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته فيصل آباد جي 2، گوجرانوالا ۽ ميانوالي ۾ هڪ هڪ دهشتگردي جي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔