پي سي بي ۾ تبديليون پريشان ناهن ڪنديون: بابر اعظم

ڪراچي : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ٿيندڙ تبديلين سان کيس يا ٽيم کي ڪنهن به قسم جي پريشاني ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته سندن ڌيان ڪرڪيٽ تي هوندو آهي

ڪراچي ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻ وڃي رهيا آهيون، رڳو ڀارت سان کيڏڻ ناهيون وڃي رهيا، 9 ٽيمن کي شڪست ڏينداسين ته فائنل کيڏنداسين

هن چيو ته جتي به ميچون ٿينديون اتي وڃي کيڏنداسين، وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد بابت بابر اعظم چيو ته سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ سرفراز احمد پهرين چوائس آهي پر اڳواٽ حتمي طور ڪجهه نٿا چئي سگهون. بابر اعظم چيو ته نائب ڪپتان جو پليئنگ اليون ۾ هجڻ ضروري نه آهي، پليئنگ اليون ۾ ڪنڊيشن کي ڏسندا آهيون، اهڙي طرح ٽيم جي چونڊ ڪئي ويندي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔