سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي: سنڌ سميت سمورو ملڪ سراپا احتجاج

ڪراچي: سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي واري واقعي خلاف سنڌ سميت سمورو ملڪ سراپا احتجاج، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا ڪيا پيا وڃن.
سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ يومِ تقديسِ قرآن ملهايو پيو وڃي، اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران وڪيلن جو پاڪ ڪلام هٿ ۾ کڻي احتجاج ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، سکر، لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ، بدين، ڪڍڻ، اوٻاوڙو، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا.
وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ٽنڊو آدم، هنڱورنو، ٽنڊو رحيم، پيراڻي، سڪرنڊ، سيوهڻ، ميهڙ، چوٽياريون، نئون ديرو ۽ ٻين شهرن ۾ به ريليون، پاڪ ڪلام جي توهين ڪندڙ شخص خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔