سون جي اگهه ۾ اوچتو 8 هزار روپين جي رڪارڊ لاٿ

پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اوچتو 8 هزار روپين جي ريڪارڊ لاٿ ٿي وئي آهي، سون جو اگهه گهٽجي 2 لک 8 هزار روپيا في تولو ٿي ويو

عيد جي موڪلن کان اڳ سون جو في تولو اگهه 2 لک 16 هزار روپيا هو، صرافا بازار جي ڊيلرز موجب عالمي منڊي ۾ سون جا اگهه ڪرڻ سبب سون سستو ٿيو آهي

آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر به سستو ٿي ويو، آءِ ايم ايف سان 3 ارب ڊالرز جي ڊيل بعد اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪاروبار ۾ به ريڪارڊ واڌ ٿي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ اڄ پهريون ڀيرو ڪاروبار جي شروعات 22 سئو 30 پوائنٽس سان ٿي

هنڊريڊ انڊيڪس هڪدم 5 ڏهائي 3 سيڪڙو مٿي هليو ويو، ڪاروبار هڪ ڪلاڪ لاءِ روڪيو ويو، هڪ ڪلاڪ بعد پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي ٻيهر مثبت شروعات ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔