اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ برسات، 12 ڄڻا فوت 15 کان وڌيڪ زخمي

اسلام آباد:اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن سبب 12 ڄڻا فوت جڏهن ته 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

موسميات کاتي موجب اڄ به پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب چوماسي برساتن جو سلسلو 30 جون تائين جاري رهندو. پنجاب ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 11 ڄڻا فوت ٿيا. لاهور ۾ تيز گرمي کان پوءِ برسات پئي جنهن سبب سڀني کان وڌيڪ برسات ايئرپورٽ ۽ چوڌاري پئي. برسات ۽ طوفان سبب لاهور جا 150 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي معطل ٿي وئي. جڏهن ته گوجرانوالا، شيخو پوره، نارووال ۽ سيالڪوٽ ۾ به برسات پئي.

بلوچستان جي علائقن چمن، قلعه سيف الله، موسيٰ خيل، ڪوهلو، قلات ۽ جهل مگسي ۾ به تيز برسات پئي جڏهن ته زيارت ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڳڙو پيو ان دوران ٻوڏ وهڪرا ٻارڙي کي لوڙهي ويا.

ڪوئٽه ۾ به برسات کان پوءِ ڪيترائي بجلي جا پول ڪري پيا جنهن جي نتيجي ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي.

هوڏانهن پشاور ۾ تيز برسات کان پوءِ اسٽيڊيم چوڪ تي پاڻي جمع ٿي ويو. مالاڪنڊ، سوات، چارسده، لوئر دير، صوابي، مردان، مانسهره ۾ به برسات پئي. بونير ۾ ڇت ڪرڻ سبب عورت فوت جڏهن ته 6 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔