ايف آءِ اي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو

لاهور: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي چوڌري پرويز الاهي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ گرفتار ڪيو آهي. کيس مني لانڊنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

 ان کان اڳ ايف آءِ اي جي مني لانڊرنگ ٽيم چوڌري پرويز الاهي جي گارڊ محمد زمان کي به گرفتار ڪيو هو جنهن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جوڊيشل مئجسٽريٽ جوابدار محمد زمان جو 4 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.

ذريعن موجب محمد زمان صدر پي ٽي آءِ پرويز الاهي جو ڪيش بواءِ ۽ فرنٽ مين آهي. محمد زمان چوڌري پرويز الاهي جي غيرقانوني رقم جي ڏيتي ليتي ۾ ملوث آهي. چوڌري پرويز الاهي کي ايف آءِ اي ساڳئي ڪيس ۾ محمد زمان جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔