فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف ٻڌڻي ڪندڙ بينچ وري ٽٽي وئي

سُپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ وري ٽٽي وئي، جسٽس منصور علي شاهه حڪومت جي اعتراض بعد بينچ کان ڌار ٿي ويو

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ  فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي ته اٽارني جنرل حڪومت پاران جسٽس منصور علي شاهه تي اعتراض واريو

اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته جيئن ته جسٽس منصور علي شاهه جو ويجهو عزيز هن ڪيس ۾ جوابدار آهي انڪري هو ڪيس ۾ اثرانداز ٿي سگهي ٿو انڪري کيس بينچ کان ڌار ٿي وڃڻ گهرجي جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه معذرت ڪندي بينچ مان اٿي ويو ۽ 7 رڪني بينچ ٽٽي وئي

چيف جسٽس ڪيس ٻڌڻ لاءِ 6 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي، چسف جسٽس اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا ڪنهن جج جي ويجهي عزيز جي جوابدار هئڻ تي عدالتي فيصلي ۾ ناانصافي ٿي سگهي ٿي اوهان وزيراعظم کان پڇي ٻڌايو ته حڪومت ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي

واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو هو ته اڱاري تائين ڪيس تي فيصلو اچي سگهي ٿو

ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور جو قانون وارو وزير فروغ نسيم وزيراعظم شهباز شريف جو وڪيل مقرر ڪيو ويو آهي، فروغ نسيم فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران سُپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم جي نمائندگي ڪندو،

عرفان قادر بچاءَ واري وزارت ۽ شاهه خاور گهرو وزارت جي نمائندگي ڪندا، پي ٽي آءِ، سول سوسائٽي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس فواد ايس خواجا پاران سندن وڪيل پنهنجا دليل مڪمل ڪري چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔