پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ قرض پروگرام تي ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل

اسلام آباد: پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام تي ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رنڊڪون ختم ٿيڻ بعد آءِ ايم ايف پاران جلد معاهدي جي اعلان جا امڪان آهن

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايم ڊي آءِ ايم ايف وچ ۾ ملاقات بعد اهم اڳڀرائي ٿي آهي

ناڻي جي وزارت ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ڏينهن کان ڳالهيون جاري آهن، ٻنهي ڌُرين وچ ۾ ڪا فني رنڊڪ نه آئي ته نائون جائزو به مڪمل ٿي ويندو

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني ٽيم نئين مسودي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔