عيدالاضحيٰ جي انتظامن بابت اجلاس، ميئر ڪراچي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي: ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، عيد جي ٽن ڏهاڙن دوران قرباني جي جانورن جون غلاضتون ترت ٺڪاڻي لڳائي شهر ۾ اسپري کي يقيني بڻايو وڃي.
ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ شهر ۾ عيدالاضحيٰ جي انتظامن بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد، ايم ڊي سولڊ ويسٽ امتياز علي شاهه، سمورن ٽائونز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ڪندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب چيو ته عيدالاضحيٰ جي حوالي سان سمورن ٽائون چيئرمينن کي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ شهرين کي ڪنهن به قسم جي شڪايت جو موقعو نه ڏنو وڃي.
ھن چيو ته شهر جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، عيد جي ٽن ڏهاڙن دوران قرباني جي جانورن جون غلاضتون ترت ٺڪاڻي لڳائي شهر ۾ اسپري کي يقيني بڻايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔