يونان ٻيڙي سانحو: تصديق ٿيل فوتين جو انگ 80 ٿي ويو

يونان ويجهو ٻيڙي ٻڏڻ واري سانحي جا وڌيڪ 2 لاش ملڻ بعد تصديق ٿيل فوتين جو انگ 80 ٿي ويو، فوتين ۾ پاڪستان، مصر ۽ شام جا ماڻهو شامل آهن

 سانحي کانپوءِ 83 پاڪستاني اڃا تائين گم، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته گم ٿيل اڪثر ماڻهو پنجاب واسي آهن، اڪثر جو تعلق گجرات ۽ گجرانوالا سان آهي

 گم ٿيل ماڻهن ۾ سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءُ الدين جا ماڻهو به شامل، آزاد ڪشمير جي ڪوٽلي ضلعي جي هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ 4 نوجوانن سميت 21 ڄڻا به اڃا تائين گم آهن

 آمريڪي نشرياتي خابرو اداري سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته سانحي ۾ 3 سئو کان وڌيڪ پاڪستاني فوت ٿيا آهن، پاڪستان جي پرڏيهي وزارت يا گهرو وزارت پاران فوت ٿيل پاڪستانين جا تصديق ٿيل انگ اکر اڃا تائين جاري نه ڪيا ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔