وفاقي بجيٽ ۾ ڇا ڇا مهانگو ٿيو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه مان منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 24-2023 جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.
اسحاق ڊار مالي سال 24-2023 جي 144 کرب 60 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪئي.
بجيٽ ۾ مختلف سيڪٽرن ۾ ٽيڪس جي شرح وڌائي وئي آهي، ٽيٽرا پيڪ کير، پيڪيٽ جي ڏهي، دٻي ۾ بند مکڻ ۽ پنير مهانگا هوندا، ٽن پيڪ مڇي، دٻي ۾ بند ڪڪڙ جو گوشت ۽ بيضن جي پيڪيٽ جي قيمت به وڌي ويندي، 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳي ويو.
برانڊڊ ڪپڙا به مهانگا هوندا، جي ايس ٽي 12 سيڪڙو مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، ڪافي هائوسز، شاپس ۽ فوڊ آئوٽ ليٽس تي 5 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو، ٽيڪس ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ سانڪيل ادائيگي تي هوندو.
وفاقي حڪومت نان فائلر تي 50 هزار کان وڌيڪ رقم ڪڍڻ تي به ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
بجيٽ دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته فان فائلر ماڻهن طرفان بئنڪ مان رقم ڪڍڻ کي دستاويزي ۽ ان جي ٽرانزيڪشن جا خرچ وڌائڻ لاءِ 50 هزار رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪڍڻ تي 0.6 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي.
ان کانسواءِ وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ايشيا ۾ ٺهندڙ پراڻين ۽ استعمال ٿيل 1300 سي سي کان وڏين گاڏين جي درآمد تي ڊيوٽي ۽ ٽيڪسن جي حدبندي ختم ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وزير چيو ته ايشيا ۾ ٺهندڙ پراڻين ۽ استعمال ٿيل 1800 سي سي تائين جي گاڏين جي درآمد تي 2005 ۾ ڊيوٽيز ۽ ٽيڪسز کي محدود ڪيو ويو هو.
هن چيو ته هاڻ 1300 سي سي کان مٿي جي گاڏين جي ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز جي حدبندي ختم ڪئي پئي وڃي.
ڊيوٽي ۽ ٽيڪسز جي حدبندي ختم ٿيڻ کانپوءِ گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔