سنڌ لاءِ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي

ڪراچي: سنڌ جو ايندڙ مالي سال بجيٽ اڄ پيش ڪيو ويندو. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ صوبي جو بجيٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪندو. سنڌ جو مالي سال 2023-24 جو گڏيل بجيٽ تقريبن 2 هزار ارب روپيه رکڻ جي تجويز آهي.

رپورٽن موجب سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. جڏهن ته ترقياتي بجيٽ 410 ارب روپيه رکڻ جي تجويز آهي.

ڪراچي جي جاري ميگاپروجيڪٽس جي لاءِ 12 ارب 52 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ رقم رکي ويندي. جڏهن ته ضلعي ترقياتي بجيٽ جي لاءِ ارب روپيه رکڻ جي تجويز آهي.

ان کان علاوه بلدياتي ڪائونسلز جي گرانٽ ۾ واڌ جي به تجويز آهي. جڏهن ته اسڪول ايجوڪيشن، ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ کرب 65 ارب روپيه ۽ ڪاليج ايجوڪيشن جو ترقياتي بجيٽ 65 ارب 80 ڪروڙ روپيه رکڻ جي تجويز آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔