بجيٽ کان اڳ سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هزارين رپين جي واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 2300 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 29 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1972 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 96 هزار 588 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 19 ڊالر واڌ سان 1965 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔